تهران: ايران جي وقتي بچاءَ واري وزير واضح ڪيو آهي ته ملڪ جي دفاعي صلاحيت، ميزائل پروگرام ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي قومي سلامتي سان لاڳاپيل بنيادي مسئلا آهن، جن تي آمريڪا سميت ڪنهن به ملڪ سان ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ويندي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ايران جي وقتي بچاءَ واري وزير مجيد ابن الرضا چيو آهي ته اسلامي جمهوريه ايران جي دفاعي، ميزائل ۽ ڊرون صلاحيتون قومي سلامتي جي ريڊ لائنز آهن ۽ ان تي ڪنهن به مرحلي تي ڳالهه ٻولهه يا سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته ايران نه رڳو پنهنجي موجوده دفاعي نظام کي برقرار رکندو پر مستقبل ۾ به پنهنجي ميزائل ۽ ڊرون پروگرام کي جديد ۽ مضبوط ڪرڻ جاري رکندو.
ماجد ابن الرضا چيو ته ايران جي دفاعي طاقت ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي جي ضامن آهي، ان ڪري ان معاملي کي ڪنهن به عالمي ڳالهين جو حصو نٿو بڻائي سگهجي.
سندس بيان هڪ اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مختلف ٽيڪنيڪل ۽ سفارتي معاملن تي ڳالهيون جاري آهن. بهرحال، ايراني اهلڪارن اهو اصرار جاري رکيو آهي ته ڳالهين جو دائرو متفقه موضوعن تائين محدود هوندو ۽ دفاعي صلاحيتن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
سياسي مبصرن موجب ايران جي موقف مان معلوم ٿئي ٿو ته جيتوڻيڪ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپا جاري آهن، پر تهران لاءِ دفاعي ۽ فوجي معاملا اڻٽر آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ايران جو ميزائل ۽ ڊرون پروگرام گذريل ڪجهه سالن کان مغربي ملڪن ۽ خطي جي ڪيترن ئي ملڪن جي توجه جو مرڪز بڻيل آهي جڏهن ته تهران انهن کي پنهنجي دفاعي حڪمت عملي جو لازمي حصو سمجهي ٿو.
تجزيه نگارن موجب ايران جو تازو بيان آمريڪا ۽ ايران جي ايندڙ ڳالهين لاءِ به هڪ اهم اشارو آهي، ڇاڪاڻ ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته تهران قومي سلامتي جي معاملن تي پنهنجو موقف تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.


