آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته ايران عراق طرفان موڪليل آمريڪي جنگبندي واري تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


تهران/واشنگٽن: آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز دعويٰ ڪئي آهي ته ايران عراق ذريعي آمريڪا پاران پيش ڪيل جنگ بندي جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب تهران واضح ڪيو آهي ته عارضي جنگ بندي ان وقت تائين قبول ناهي، جيستائين بنيادي تڪرار خاص ڪري آبنائي هرمز جو مسئلو حل نه ٿي وڃي.

رپورٽ موجب عراقي وزيراعظم علي الزيدي واشنگٽن جي تازي دوري کانپوءِ تهران پهتو، جتي هن ايراني قيادت سان ملاقات ڪئي ۽ آمريڪا طرفان جنگ بندي جو پيغام ڏنو.

نيو يارڪ ٽائمز موجب آمريڪي تجويز جا مڪمل تفصيل فوري طور تي دستياب ناهن، پر ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته مختصر يا عارضي جنگبنديءَ سان مسئلو حل نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ آبنائے هرمز ۽ ٻين اهم معاملن تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت ڪا واضح اڳڀرائي شامل ناهي.

ان حوالي سان ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ هو ته عراقي وزيراعظم ايران کي واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ملاقاتن ۽ سندس مشاهدن کان آگاهه ڪيو پر مختلف ملڪ اڳ ۾ ئي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته اصل مسئلو پيغامن جي ترسيل نه پر آمريڪا جو رويو آهي. هن جي مطابق، واشنگٽن جو غير منطقي، لالچ ۽ ڪنٽرول رويي موجوده بحران جو بنيادي سبب آهي.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايران پنهنجي بنيادي مطالبن تي قائم آهي ۽ ڪنهن به معاهدي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار ناهي جنهن سان سندس اسٽريٽجڪ مفادن تي سمجهوتو ٿئي.

ٻئي طرف خبر شايع ٿيڻ تائين آمريڪي حڪومت نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ يا ايران جي موقف تي باضابطا ردعمل جاري نه ڪيو هو.

سياسي تجزيه نگارن موجب عراق، قطر، پاڪستان ۽ ٻين علائقائي ملڪن جي وچ ۾ ثالثي جون ڪوششون اڃا به جاري آهن، پر ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڏا اختلاف برقرار رهڻ سبب فوري پيش رفت جا امڪان محدود نظر اچن ٿا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment