گڏيل قومن دنيا کي افغانستان مان ايٽمي دهشتگردي جي شديد ۽ ممڪن خطري کان خبردار ڪيو آهي.
گڏيل قومن جي ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر موجب تاجڪستان مان چوري ڪيل يورينيم ڊاءِ آڪسائيڊ تي مشتمل 133 گوليون افغانستان ۾ القاعده جي هٿ ۾ پئجي سگهن ٿيون، جتي اڄڪلهه ايٽمي دهشتگردي جو خطرو سڀ کان وڌيڪ آهي.
رپورٽ موجب القاعده ڪيترائي ڀيرا ايٽمي دهشتگردي جي ارادي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ريڊيو ايڪٽيو مواد سمگل يا چوري ڪيو ويو آهي.
افغانستان ۾ دهشتگرد جديد ٽيڪنالاجي ۽ پرڏيهي ويڙهاڪن سان ايٽمي دهشتگردي جو حقيقي خطرو پيدا ڪري رهيا آهن، افغان طالبان حڪومت پنهنجي ظالم حڪمراني کي برقرار رکڻ لاءِ سڄي دنيا مان دهشتگرد تنظيمن کي پناهه ڏني آهي.
اهي عالمي دهشتگرد تنظيمون جيڪي افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري پوري دنيا لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي چڪيون آهن.


