پاڪستان 70 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو عالمي ڪسٽم آرگنائيزيشن پاليسي ڪميشن جو ميمبر چونڊجي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان 70 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو عالمي ڪسٽم آرگنائيزيشن (ڊبليو سي او) پاليسي ڪميشن جو ميمبر چونڊيو ويو. ايف بي آر موجب عالمي ڪسٽم آرگنائيزيشن ۾ پاڪستان تاريخي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، پاڪستان ڪسٽم WCO پاليسي ڪميشن 2026 کان 2028 تائين جو حصو بڻجي ويو، پاڪستان ايشيا پيسفڪ خطي ۾ اهم سفارتي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ڊبليو سي او پاليسي ڪميشن ۾ پاڪستان جي شموليت کي عالمي سطح تي وڏو اعزاز قرار ڏنو پيو وڃي. ايف بي آر موجب پاڪستان سنگل ونڊو ماڊل کي ايشيا پيسفڪ ملڪن طرفان ڀرپور موٽ ملي آهي ۽ پاڪستان ڪسٽمز جي ڊجيٽل سڌارن کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي. هانگ ڪانگ ۾ ٿيندڙ آر ايڇ سي اي اجلاس ۾ پاڪستان وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان سخت مقابلي کانپوءِ اهم WCO سيٽ کٽي ورتي. سيد اسد رضا رضوي جون سفارتي ڪوششون پاڪستان جي ڪاميابي ۾ اهم ثابت ٿيون. پاڪستان سنگل ونڊو جي نمائندن جي پيشڪش کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو. پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ ڪسٽمز وچ ۾ ويلڊ اي پي معاهدي تي صحيحون. عالمي ڪسٽم گورننس ۾ پاڪستان جو آواز مضبوط ٿيو آهي، پاڪستان ڪسٽم جي عالمي حيثيت ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي ۽ عالمي ڪسٽم پاليسي سازي ۾ ان جو اهم ڪردار آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment