لبنان جي ڏاکڻي علائقي ۾ حزب الله سان جهڙپ ۾ 4 اسرائيلي فوجي سخت زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ اڄ فوت ٿي ويو.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب جمعي جي ڏينهن اسرائيلي فوج جي هڪ ٽيم ڏکڻ لبنان جي هڪ ڳوٺ ۾ سيڪيورٽي آپريشن لاءِ پهتي، جتي حزب الله جي ويڙهاڪن کين گھيرو ڪيو.
اسرائيلي ميڊيا ٻڌايو ته جھڙپ ۾ مارجي ويل 48 ورهين جو سپاهي، جنهن جي سڃاڻپ بارڪ ڪلفون جي نالي سان ٿي آهي، جمعي تي ٽن ٻين سپاهين سان گڏ زخمي ٿي پيو.
اسرائيلي فوج موجب ٽيم سرحد ڀرسان عمارتن کي صاف ڪري رهي هئي ته ان وقت گهيرو ڪندڙ ماڻهن حملو ڪيو.
ميڊيا رپورٽ ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جڏهن اسرائيلي فوج جي اها ٽيم عمارت ۾ داخل ٿي ته اتي زوردار ڌماڪو ٿيو.
ڌماڪو امڪاني طور تي حزب الله طرفان رکيل زير زمين بارودي سرنگ هو، جنهن ۾ 4 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا.
اسرائيلي فوج اڄ هڪ زخمي آفيسر جي موت جي تصديق ڪئي، پر واقعي جي تفصيل نه ڏني.
اڄ ڏکڻ لبنان جي علائقي ۾ هڪ حملي ۾ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي مشن جو هڪ سپاهي مارجي ويو جنهن جو تعلق فرانس سان هو جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ياد رهي ته لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ گذريل ڏينهن کان 10 ڏينهن لاءِ جنگ بندي جو معاهدو ٿي چڪو آهي ۽ شهري پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيا آهن.


