شڪارپور/جيڪب آباد:
پوليس ڪچين علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف گرينڊ ڪومبنگ ۽ سرچ آپريشن تيز ڪري ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ڪيترن ئي مورچن، ٺڪاڻن ۽ سهولتڪارن کي تباهه ۽ ساڙي ڇڏيو.
پوليس اختيارين موجب، جهونا واهه، جگن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جديد ڊرون ٽيڪنالاجي، هٿياربند گاڏين ۽ اهلڪارن جي مدد سان گڏيل آپريشن جاري آهي.
ڏوهاري عنصرن جي آمد و رفت کي روڪڻ لاءِ داخل ۽ خارجي رستن جي سخت ناڪابندي ڪندي نگراني کي وڌيڪ موثر بڻايو ويو آهي.
ايس ايس پي جيڪب آباد فيضان علي موجب سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشن دوران ڪيترن ئي شڪي پناهگاهن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو، جڏهن ته شڪ جي بنياد تي گرفتار ٿيلن کي جاچ لاءِ مختلف ٿاڻن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس کي تازي واقعي ۾ ملوث جوابدارن بابت اهم اطلاع مليا آهن، جن جي گرفتاري لاءِ ڪڇ جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڊي ايس پي سعود آباد اعجاز ترين جي گهرواري جي گاڏي تي ڌاڙيلن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي هئي.
واقعي وقت ڊي ايس پي جو پٽ گاڏي هلائي رهيو هو جڏهن ته ڊي سي خيرپور الطاف چاچڙ جي گهرواري به ڪار ۾ موجود هئي.
فائرنگ ۾ ڊي ايس پي اعجاز ترين جي 12 ورهين جي ڌيءَ ۽ سندس ڪزن جي ڌيءَ زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد بعد سکر منتقل ڪيو ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته ٻئي ڇوڪريون هاڻي صحتياب ٿي گهر واپس اچي ويون آهن.
ٻئي طرف ڊي ايس پي اعجاز ترين جي پٽ ميجر فراز ترين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي گهرڀاتين کي تحفظ فراهم ڪري سگهجي.
پوليس اختيارين واضح ڪيو ته ڏوهاري عنصرن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندو ۽ ملوث جوابدارن کي هر صورت ۾ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.


