پرائيويٽ ميوزڪ سيشن ۾ پنجاب پوليس اهلڪارن جي فن جو مظاهرو ڪندي وڊيوز وائرل ٿي ويون آهن. ايڪسپريس نيوز موجب پنجاب پوليس جي اهلڪارن ميوزڪ جي شعبي ۾ داخلا جو فيصلو ڪري ورتو آهي، باوردي پوليس اهلڪارن جي خانگي ميوزڪ سيشن جون ٻه وڊيوز وائرل ٿي ويون آهن. وائرل وڊيو ۾ هڪ باوردي پوليس اهلڪار مهارت سان ڊرم وڄائيندو ۽ ٻيو تالي وڄائيندي نظر اچي رهيو آهي. هڪ ٻي وڊيو ۾ هڪ ٻار کي هارمونيم وڄائيندي نظر اچي رهيو آهي جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار گيت ڳائي رهيو آهي.
Source link

پنجاب پوليس جي جوانن جي ميوزڪ سيشن جون وڊيوز وائرل ٿي ويون
Leave a Comment Leave a Comment

