ڪرسٽيانو رونالڊو پهريون سعودي پرو ليگ ٽائيٽل کٽي ورتو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


سعودي پرو ليگ جي آخري مرحلي ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو جي شاندار ڪارڪردگيءَ جي بدولت النصر داماڪ کي 1-4 تان شڪست ڏئي ليگ ٽائيٽل کٽي ورتو.

ان ڪاميابي سان الناصر 86 پوائنٽس حاصل ڪري پنهنجي روايتي حریف الهلال کي ٻن پوائنٽن تان مات ڏئي ڇڏي.

الناصر جو 2019 کان پوءِ پهريون سعودي پرو ليگ ٽائيٽل آهي، جڏهن ته اها سعودي عرب ۾ رونالڊو جي پهرين ليگ ڪاميابي پڻ آهي.

ميچ ۾ پهريون گول ساڊيو ماني 34هين منٽ ۾ جوائو فيلڪس جي ڪارنر تي شاندار هيڊر سان ڪيو.

ٻئين اڌ ۾، ڪنگسلي ڪمان هڪ خوبصورت انفرادي ڪوشش کان پوء برتري کي ٻيڻو ڪيو.

ڊامڪ پينالٽي واري جاءِ تي گول ڪري النصر جي برتري کي گهٽائي ڇڏيو پر جلد ئي رونالڊو شاندار فري ڪِڪ سان گول ڪري ميچ کي ٻيهر ڪنٽرول ۾ آڻي ڇڏيو.

81هين منٽ ۾ رونالڊو هڪ ٻيو شاندار گول ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح ۽ ٽائيٽل کي يقيني بڻائي ڇڏيو.

ميچ جي پڄاڻي تي رونالڊو پنهنجن جذبن تي ضابطو نه رکي سگهيو ۽ خوشيءَ ۾ روئڻ لڳو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment