حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي، پيٽروليم ڊويزن طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ايندڙ هڪ هفتي لاءِ واڌ ڪئي آهي، جيڪا 9 مئي کان لاڳو ٿيندي، نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا 414 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت اڳ ۾ 399 رپيا 58 پئسا هئي. پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 14 رپيا 92 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 414 رپيا 78 پئسا ٿي وئي آهي، جيڪا اڳ ۾ 399 رپيا 86 پئسا هئي. ياد رهي ته ان کان اڳ 29 اپريل تي حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 19 رپيا 39 پئسا في ليٽر واڌ ڪري 399 رپيا 58 پيسا في ليٽر ڪيو هو. پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 51 پيسا واڌ ڪئي وئي ۽ نئين قيمت 399 رپيا 86 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment