آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (CENTCOM) جنگبندي جي باوجود ڏکڻ ايران ۾ هوائي حملن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اهي آپريشن آمريڪي فوجين کي ممڪن خطرن کان بچائڻ لاءِ ڪيا ويا.
سينٽر ڪام جي ترجمان نيوي ڪيپٽن ٽم هاڪنز موجب آمريڪي فورسز انهن هنڌن کي نشانو بڻايو جتي ايراني فورسز کي بارودي سرنگون رکڻ واريون ٻيڙيون ۽ ميزائل لانچنگ سائيٽن جو شڪ هو.
هن چيو ته آمريڪي سينٽرل ڪمان جاري جنگبندي دوران تحمل جو مظاهرو ڪندي پنهنجي اهلڪارن جي حفاظت کي يقيني بڻائي رهي آهي.
برطانوي خابرو اداري موجب ايران جي ڏاکڻي شهر بندر عباس ۽ آبنائے هرمز جي ڀرپاسي وارن ساحلي علائقن ۾ ڪالهه ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا پر ايراني اختيارين فوري طور تي ڪنهن وڏي جاني يا مالي نقصان جا تفصيل جاري نه ڪيا.
واضح رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي 7 اپريل کان لاڳو آهي، گذريل ڪجهه هفتن کان ننڍي پيماني تي حملن جون خبرون اچي رهيون آهن پر هن وقت تائين ڪنهن به طرف کليل نموني جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي.
ٻئي طرف تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي به اڳڀرائي ٿي رهي آهي، جڏهن ته ان کي حتمي شڪل نه ڏني وئي آهي.


