سنڌ جي مٿانهين ۽ وچولي علائقن ۾ گرمي جي لهر سبب شهري بي حال ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ به موسم گرم ۽ خشڪ آهي. موسميات کاتي هيٽ ويو الرٽ جاري ڪندي اڳڪٿي ڪئي آهي ته 3 مئي تائين وچ ۽ مٿانهين سنڌ ۾ هيٽ ويو جي صورتحال برقرار رهڻ جو امڪان آهي، ڄامشورو، دادو، شهيد بينظير آباد، ڪشمور، گهوٽڪي، سانگهڙ، خيرپور، نوشهروفيروز، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ ڏينهن دوران 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رهڻ جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڇنڇر تي عام هوائن کان وڌيڪ گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب جمعي ۽ ڇنڇر تي ڪراچي جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي سگهي ٿو.
Source link

سنڌ ۾ گرمي جي لهر ۾ ماڻهو سخت پريشان آهن، ڪراچي ۾ به موسم گرم ۽ خشڪ آهي
Leave a Comment Leave a Comment

