سلم آفيسر جي بار بار پروموشن ۽ بحالي تي عدالت جو اهم فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

عدالت سلم ڊپارٽمينٽ آفيسر جي بار بار پروموشن ۽ بحالي بابت اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سلم ڊپارٽمينٽ جي آفيسر امان الله شيخ جي بار بار پروموشن ۽ بحالي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت سندس ٻٽي پروموشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالت قرار ڏنو ته نظرثاني درخواست رد ٿيڻ بعد نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ به غير قانوني آهي.

درخواستگذار جي وڪيل صولت رازي ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته امان الله شيخ کي ڪيترائي ڀيرا غير قانوني ترقي ڏني وئي. 2013ع ۾ سپريم ڪورٽ امان الله شيخ جي گريڊ 16 مان 18 هين گريڊ ۾ پروموشن کي غير قانوني قرار ڏنو هو، پر سپريم ڪورٽ جي حڪم تي 3 مهينن کانپوءِ آفيسر پاڻ کي بحال ڪري 19 گريڊ ۾ ترقي ڏني هئي.

درخواستگذار موجب امان الله شيخ 19 گريڊ ۾ ترقي ملڻ بعد 150 غير قانوني ڀرتيون پڻ ڪيون. وڪيل وڌيڪ چيو ته چيئرمين ڪچي آبادي انهن ڀرتين تي امان الله شيخ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو جنهن بعد کيس نوڪري مان برطرف ڪيو ويو هو.

درخواست ۾ اهو به چيو ويو ته چيئرمين ڪچي آبادي برطرفي واري فيصلي تي نظرثاني جي درخواست به رد ڪري ڇڏي هئي، پر امان الله شيخ سياسي دٻاءُ ذريعي پاڻ کي بحال ڪيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment