گلگت بلتستان جي اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان سميت پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي 7 اميدوارن ۽ اڳواڻن کي وزيراعظم شهباز شريف جي گلگت واري دوري دوران چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. گلگت بلتستان جي اليڪشن ڪميشن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي 7 مئي تي گلگت جي دوري دوران چونڊ ضابطا اخلاق ۽ اين او سي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. صوبائي اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ (ن) گلگت بلتستان جي صدر حافظ حفيظ الرحمان، ڊاڪٽر محمد اقبال، عتيق الرحمان، محمد عالمگير، رانا فرمان، حبيب الله ۽ شفيق الدين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سمورن اڳواڻن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 12 مئي تي 2 وڳي ڊپٽي ڪمشنر گلگت جي آفيس ۾ ذاتي يا وڪيل ذريعي حاضر ٿين. نوٽيس ۾ چتاءُ ڏنو ويو آهي ته وضاحت پيش نه ڪرڻ تي اليڪشن ايڪٽ 2017 تحت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن موجب وزيراعظم جي دوري دوران اين او سي ۾ ڏنل شرطن کي نظرانداز ڪيو ويو، جنهن تي ضلعي مانيٽرنگ آفيسر گلگت سمورن لاڳاپيل اڳواڻن کي نوٽيس موڪلي ڇڏيا آهن.
Source link

وزيراعظم جو گلگت جو دورو؛ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي مسلم ليگ ن جي اميدوارن کي نوٽيس جاري
Leave a Comment Leave a Comment

