خيبرپختونخواهه جي عوام ايران آمريڪا امن معاهدي جي حوالي سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن کي ساراهيو.
وچ اوڀر ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ ايران آمريڪا معاهدي کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي. ان حوالي سان خيبرپختونخواهه جي شهرين به پاڪستان جي امن ڪوششن کي ساراهيو آهي ۽ چيو آهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪستان امن عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
ڪي پي ڪي جي هڪ شهري چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جيڪو چيو اهو ڪيو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ثابت ڪري ڇڏيو ته پاڪستان دنيا جا فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ايران آمريڪا-ايران امن معاهدي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو شڪر گذار آهي.
شهري چيو ته پاڪستان سڄي دنيا کي جنگ جي تباهي کان بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان امن، استحڪام ۽ سفارتڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هميشه اهڙو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو. اسان کي پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي فوجن تي فخر آهي ۽ انهن جي خدمتن تي کين خراج تحسين پيش ڪريون ٿا
ماهرن موجب ايران-آمريڪا امن معاهدي کانپوءِ پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد عالمي ثالث بڻجي سامهون آيو آهي.


