خودڪشي قانون بابت وفاقي شرعي عدالت جو اهم فيصلو جاري

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

وفاقي شرعي عدالت خودڪشي قانون بابت اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

ايڪسپريس نيوز موجب وفاقي شرعي عدالت خودڪشي جي ڪوشش واري قانون تي اهم فيصلو ڏيندي 2022ع واري ايڪٽ کي غير اسلامي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

عدالت ان حوالي سان داخل درخواستون منظور ڪندي قرار ڏنو ته خودڪشي جي ڪوشش کي ڏوهه قرار ڏيڻ بابت قانون سازي شرعي ضرورتن جي مطابق ناهي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته 2022 جي قانون سازي تحت ڪرمنل ڪوڊ مان ختم ڪيل سيڪشن کي بحال ڪيو ويو آهي. ان فيصلي کانپوءِ خودڪشي جي ڪوشش کي مجرم قرار ڏيڻ جي شق ٻيهر قانوني ٿي وئي آهي.

وفاقي شرعي عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي لاڳاپيل ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏنو. چيف جسٽس اقبال حميد الرحمان، جسٽس محمد انور اقبال ۽ جسٽس امير خان تي ٻڌل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، درخواستن جي پيروي ايڊووڪيٽ حماد حسن ڊار ۽ ايڊووڪيٽ اعظم ملڪ ڪئي.

ياد رهي ته 2022 جي قانون سازي ۾ خودڪشي جي ڪوشش کي مجرم قرار ڏيڻ واري شق کي ختم ڪيو ويو هو. فارم جي هيٺان





Source link

Share This Article
Leave a Comment