اسلام آباد:
وزيراعظم شهباز شريف سان ڪروشيا جي پرڏيهي ۽ يورپي معاملن واري وزير ملاقات ڪئي، جنهن ۾ واپار سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
وزيراعظم سان ڪروشيا جي پرڏيهي ۽ يورپي معاملن واري وزير ڊاڪٽر گورڊن گرلچ ريڊمين ملاقات جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ موجود هئا.
ملاقات دوران وزيراعظم ڪروشيا جي پرڏيهي وزير ۽ سندس وفد جي پاڪستان آمد تي آجيان ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪروشيا جا دوستاڻا لاڳاپا گڏيل احترام، خير سگالي ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن.
وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مواصلات، زراعت، سياحت ۽ ماهر افرادي قوت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم ڪروشيا جي صدر زوران ميلانووچ ۽ وزيراعظم اينڊريج پلينڪووچ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ کين پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني.
ڪروشيا جي پرڏيهي وزير گرمجوشي سان استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسلام آباد جو دورو سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.
هن علائقائي امن جي ڪوششن ۾ پاڪستان ۽ ان جي قيادت جي نمايان ڪردار کي ساراهيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان ۽ ڪروشيا لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پنهنجي حڪومت جي خواهش جو اظهار ڪيو.


