اسرائيلي اسنائپر شوٽر 3 ورهين جي ٻارڙي کي مٿي تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


غزه ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 3 ورهين جو فلسطيني ٻارڙو شهيد ٿي ويو.

ميڊيا رپورٽن موجب غزه ۾ وحشي اسرائيلي اهلڪار 3 ورهين جي ٻارڙي کي مٿي ۾ گوليون هڻي ماري ڇڏيو، جيڪو سندس کاٻي اک مان نڪري ويو ۽ ٻارڙو موقعي تي ئي شهيد ٿي ويو.

واقعي ۾ اسرائيلي اهلڪار ٻارڙي جي پيءُ کي به ٽنگ ۾ گوليون هنيون، جيڪو پنهنجي پٽ کي پنهنجي ٻانهن ۾ کڻي وڃي رهيو هو.

خانداني ميمبرن جو چوڻ آهي ته جوڙو ’يلو لائين‘ واري علائقي کان ٻاهر هو جڏهن سپاهين هڪ ڇڏيل گهر مان فائرنگ ڪئي. الاقصيٰ شهيد اسپتال ۾ 3 ورهين جي ٻارڙي ريان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، جڏهن ته پيءُ جو علاج هلندڙ آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment