آمريڪا ۾ هرديپ سنگهه نگر قتل ڪيس ۾ ڀارتي ڏوهاري گروپ بشنوئي گينگ جي سربراهه لارنس بشنوئي تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
آمريڪي اختيارين موجب لارنس بشنوئي جي ويجهن ساٿي ستيندرجيت سنگهه عرف گولڊي برار تي به ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجار کي قتل ڪرڻ جي سازش ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
اختيارين موجب الزام آهي ته ٻنهي ڄڻن 2023 ۾ هرديپ سنگهه نگر جي قتل جي رٿابندي ڪئي هئي.
فرد جرم ۾ چيو ويو آهي ته لارنس بشنوئي جيل ۾ قيد هجڻ باوجود مبينا طور تي پنهنجي ساٿين کي اسمگل ٿيل موبائيل فونز ذريعي هدايتون جاري ڪندو رهيو جڏهن ته مقتول جون تصويرون ۽ مختلف هنڌن جا ايڊريس پڻ ڏنا.
آمريڪي اٽارني بل ايسلي موجب آپريشن وسيع بين الاقوامي آپريشن جو حصو آهي جنهن ۾ آمريڪي، ڪينيڊين ۽ يورپي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گڏيل آپريشن ڪري 37 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن تي اغوا، ڀتا خوري، هٿيار، منشيات فروشن ۽ قتل سميت مختلف سنگين ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي.
ايف بي آءِ موجب انهن ڏوهاري نيٽ ورڪن آمريڪي رياست ڪيليفورنيا سميت مختلف علائقن ۾ خوف ۽ حراس جو ماحول پيدا ڪيو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته وڌيڪ 10 گهربل جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.
ياد رهي ته هرديپ سنگهه نجار جي قتل کانپوءِ ڀارت ۽ ڪينيڊا جا لاڳاپا سخت ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيا هئا.


