چين جي شهر گوانگزي ۾ زوردار زلزلو، 2 ڄڻا فوت، ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


چين جي ڏکڻ اولهه گوانگزي علائقي ۾ 5.2 شدت جي زلزلي سبب خوف و ہراس پيدا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

چين جي سرڪاري ميڊيا موجب زلزلي جو مرڪز ليونان ضلعي ليوزو، گوانگزي ۾ هو، جڏهن ته ان جي زير زمين کوٽائي 8 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. اوچتو زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيڻ تي شهري گهرن ۽ عمارتن مان ٻاهر نڪري آيا.

رپورٽن مطابق زلزلي سبب 13 عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون، جڏهن ته ڪيترن ئي گهرن کي به سخت نقصان پهتو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن ۽ امدادي ٽيمون ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن جي ڳولا ۾ مصروف آهن.

چيني ميڊيا موجب هينئر تائين 2 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته هڪ ڄڻو به گم آهي، جنهن جي ڳولا جاري آهي.

اختيارين متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ماهرن موجب علائقي ۾ آفٽر شاڪس جو به خطرو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment