يوم مئي تي مزدورن جي حقن جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي: شرجيل ميمڻ

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

مئي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پورهيت طبقو ڪنهن به سماج جي ترقي جو بنياد هوندو آهي ۽ انهن جي ڀلائي کانسواءِ پائيدار ترقي ممڪن ناهي.

هن چيو ته مزدورن جي قربانين، جدوجهد ۽ انتھڪ محنت کي خراج تحسين پيش ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.

هن چيو ته شڪاگو جي شهيدن جي قربانين سڄي دنيا جي مزدورن کي پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ هڪ نئون رستو ڏيکاريو، جنهن جي ڪري اڄ مزدور تحريڪ هڪ مضبوط آواز بڻجي چڪي آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت هميشه مزدورن ۽ هارين جي ڀلائي کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي.

هن چيو ته حڪومت طرفان گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ واڌ، ليبر قانونن تي موثر عملدرآمد ۽ مزدورن کي صحت ۽ مالي سهولتن جي فراهمي جهڙا قدم کنيا ويا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪنيڪل ٽريننگ پروگرام، روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ عورت مزدورن لاءِ خصوصي سهولتون سنڌ حڪومت جي مزدور دوست پاليسين جا واضح ثبوت آهن.

سينيئر صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جا اهي قدم ان عزم جي عڪاسي ڪن ٿا ته پورهيت ۽ هاري طبقي کي مضبوط ڪري هڪ منصفانه ۽ خوشحال معاشرو ٺاهيو ويندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment