ڪراچي:
ڪراچي جي علائقي پير آباد جي نيو ميانوالي ڪالوني ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعو چوري سبب پيش آيو.
ايڌي اختيارين موجب مقتول جي سڃاڻپ 18 ورهين جي ابراهيم مسيح ولد خالد مسيح جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو موٽرسائيڪل تي سوار هو، جڏهن ته شروعاتي اطلاعن موجب واقعو ٻڌايو پيو وڃي ته حادثو مزاحمت دوران ڌاڙيلن طرفان سيني تي گوليون لڳڻ سبب پيش آيو.
جڏهن ته ايس ايڇ او پيرآباد سراج خٽڪ ٻڌايو ته شروعاتي طور تي معلوم ٿيو آهي ته ابراهيم مسيح موٽرسائيڪل تي گهر کان وڃي رهيو هو ته پيدل ايندڙ 2 جوابدارن مٿس سڌي فائرنگ ڪئي ۽ سندس نئين ماڊل جي موٽرسائيڪل سميت فرار ٿي ويا.
واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ ڪرائم سيڪشن يونٽ کي طلب ڪيو ويو آهي، فوري طور تي اهو نه ٿو چئي سگهجي ته واقعو موٽرسائيڪل جي هائيجيڪنگ دوران مزاحمت سبب پيش آيو يا موٽرسائيڪل جي اغوا دوران مزاحمت تي قتل واري واقعي کي قتل جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر پوليس سمورن رخن کان جاچ ڪري رهي آهي.
هوڏانهن عزيز آباد جي علائقي ڀنگوريا ڳوٺ ۾ فائرنگ ۾ نوجوان زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال نيو ويو، جڏهن ته واقعو اڻڄاتل طرف کان گولي لڳڻ جو ٻڌايو پيو وڃي.


