راولپنڊي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن ڄڻن جي مارجي وڃڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو ويو آهي.
تفصيل موجب نصيرآباد ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪرڻ واري واقعي جو سي پي او سيد خالد محمود همداني نوٽيس ورتو آهي.
ايس ايس پي انويسٽيگيشن کي واقعي واري هنڌ پهچي رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ جوابدارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ايس ايس پي انويسٽيگيشن راجا ناصر علي خان گذريل رات واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ ايس ايڇ او نصيرآباد کي هدايت ڪئي ته ثبوت گڏ ڪري جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.
فوتين ۾ پيءُ پٽ شامل آهن جن جي سڃاڻپ شهزاد شاهه ۽ مصطفيٰ شاهه طور ٿي آهي. حادثي ۾ 2 عورتون پڻ معمولي زخمي ٿي پيون. واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڪيس جي مدعي جو چوڻ آهي ته واقعو زميني تڪرار تان پيش آيو، واقعي جي سمورن رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
ايس ايس پي انويسٽيگيشن راجا ناصر علي خان چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو ويندو.


