انجنيئر محمد علي مرزا جي اڪيڊمي تي حملي دوران مارجي ويل حملي آور سندس استاد جو به قاتل نڪتو. ميانوالي سان تعلق رکندڙ 25 سالن جو بلال احمد موقعي تي ئي مارجي ويو، هو ماضي ۾ به قتل ڪيس ۾ ملوث هو. ڊي پي او ميانوالي وقار کرل موجب جوابدار جو تعلق بریلوي فرقي سان آهي. پوليس موجب 2016 ۾ جڏهن هو نهون ڪلاس جو شاگرد هو ته هن استاد کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو، جنهن بعد کيس جيل موڪليو ويو هو. 2017 ۾ مقتول جي خاندان پنهنجي هڪ ڀاءُ کي قتل ڪيو، 2018 ۾ ٻنهي ڌرين ۾ صلح ٿي ويو. جنهن کان پوءِ هو لاهور هليو ويو جتي هن هڪ پيٽرول پمپ تي سيڪيورٽي گارڊ طور ڪم ڪيو.
Source link

انجنيئر محمد علي مرزا جي اڪيڊمي تي حملو ڪندڙ سندس استاد جو به قاتل نڪتو.
Leave a Comment Leave a Comment

