ايران جي حڪومت شهيد سپريم ليڊر سيد علي خامنه اي جي تدفين جي سلسلي ۾ گادي واري شهر تهران ۾ ٽن ڏينهن جي موڪل جو اعلان ڪيو آهي. ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب، پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر ۽ تدفين ۽ نماز جي تقريب جي انچارج حسن حسن زاده چيو آهي ته شهيد سپريم ليڊر سيد علي خامنه اي جي تدفين ۽ جنازي نماز بالترتيب ڇنڇر ۽ آچر تي 4 ۽ 5 جولاءِ 2026 تي جامع مسجد تيران ۾ ادا ڪئي ويندي. هن چيو ته شهيد علي خامنه اي جي تدفين 6 جولاءِ تي ٿيندي ۽ ان دوران تهران صوبي ۾ 3 ڏينهن جي موڪل هوندي. ياد رهي ته ايران جو اڳوڻو سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي فيبروري ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو، جنهن ۾ سندس خاندان جا ڪيترائي ميمبر، پاسداران انقلاب جي اعليٰ قيادت ۽ ٻيا اهم اڳواڻ شهيد ٿي ويا هئا. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي اپريل ۾ پاڪستان جي وچ ۾ ٿي هئي ۽ بعد ۾ ٻه ڏينهن اڳ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سوئٽزرلينڊ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهيون ٿيون هيون ۽ مستقبل جي معاملن جي حل لاءِ اهم ڪميٽيون به قائم ڪيون ويون آهن.
Source link

ايران جي شهيد سپريم ليڊر علي خامنه اي جي تدفين لاءِ 3 ڏينهن جي موڪل جو اعلان
Leave a Comment Leave a Comment

