قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڇڪتاڻ، انتقامي سياست جو معاملو بحث هيٺ آيو

sindhvoice70@gmail.com
4 Min Read


اسلام آباد:

قومي اسيمبلي ۾ گهرو وزارت جي بجيٽ ۽ کٽڻ واري رٿ تي بحث دوران حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، مخالف ڌر سياسي انتقام، انساني حقن ۽ عمران خان سان ملاقاتن جو معاملو اٿاريو، جڏهن ته حڪومت دهشتگردي، منشيات ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي جو دفاع ڪيو.

مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري گهرو وزارت جي ڪارڪردگي جو دفاع ڪندي چيو آهي ته گهرو وزارت 501 شهيدن ۽ ڪيترن ئي غازين جي وارث آهي، شهباز شريف جي دور ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي بهتر ٿي.

طلال چوڌري چيو ته هڪ سال دوران 20 ارب ڊالرن جي منشيات هٿ ڪئي وئي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 1020 آفيسر شهيد ٿيا. هن چيو ته هڪ سال ۾ دهشتگردي جا 3355 واقعا ٿيا جن مان 95 سيڪڙو خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ٿيا. سندس چوڻ هو ته نيڪٽا کي فعال ڪيو ويو آهي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد وقت جي ضرورت آهي. مملڪتي وزير اعلان ڪيو ته اسلام آباد کي پاڪستان جو پهريون سمارٽ سٽي بڻايو پيو وڃي جڏهن ته جديد عالمي معيار جي جيل به تعمير ڪئي پئي وڃي.

بئريسٽر گوهر چيو ته گهرو وزارت قانون جي نفاذ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي پر گذريل چئن سالن ۾ سياسي انتقام ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا واقعا سامهون آيا آهن. هن چيو ته مخالف ڌر هميشه قومي اتفاق راءِ جي حمايت ڪئي آهي، محمود خان اچڪزئي به غير مشروط حمايت جي آڇ ڪئي آهي.

بئريسٽر گوهر حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته 9 مئي جي واقعن کي سياسي انتقام لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي. هن چيو ته عمران خان سان ڪيترن ئي مهينن کان ملاقات ناهي ٿي سگهي، حڪومت کي گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ سندس طبيب کي ساڻس ملاقات جي اجازت ڏئي.

وزيراعظم نذير تارڙ چيو ته جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان ۾ مخالف ڌر جي ٻن ميمبرن کي نمائندگي ڏني وئي آهي. هن اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته اپوزيشن ميمبرن ڪيترن ئي اهم اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪئي جڏهن ته فوجداري قانون بابت اهم مسودو اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ التوا ۾ آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت طرفان ڪجهه معاملن تي اڃا تائين ڪو به جواب ناهي مليو. هن چيو ته غصي ۾ ويهڻ ۽ استحقاق وٺڻ قانون جي بالادستي ناهي، جڏهن ته عدالتي سزان ۾ حڪومت جي مداخلت ناهي.

جي يو آءِ جي ميمبر قومي اسيمبلي نور عالم خان منشيات ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته آئس ۽ هيروئن جي وڪري ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن کي موت جي سزا ڏني وڃي.

نور عالم خان چيو ته منشيات اسڪولن ۽ يونيورسٽين تائين پهچي چڪي آهي، اينٽي نارڪوٽڪس واري وزارت ان معاملي تي سنجيده ناهي. هن دهشتگردي جي مسئلي تي به ڳالهايو ۽ چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، دهشتگردن ۾ سٺي ۽ خراب جي فرق نه هجڻ گهرجي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment