اسلام آباد: انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت مجموعي طور تي مڪمل ترقياتي بجيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.
آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شازا فاطمه خواجا سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزارت جي ترقياتي بجيٽ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪئي وئي آهي، حڪومت آءِ ٽي شعبي جي ترقي تي واضح ڌيان ڏئي رهي آهي.
هن چيو ته آءِ ٽي جو شعبو وزيراعظم، ناڻي واري وزارت ۽ پلاننگ ڊويزن جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي، جنهن سبب ٻين وزارتن جي بجيٽ ۾ گهٽتائي باوجود آءِ ٽي جي بجيٽ کي برقرار رکيو ويو آهي.
شزا فاطمه موجب آءِ ٽي واري وزارت جي 22 ارب رپين جي درخواست مڪمل طور تي منظور ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڊگهي مدي وارن منصوبن سميت مجموعي ترقياتي بجيٽ 76 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي.
هن چيو ته ترقياتي بجيٽ ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽريننگ، اسٽارٽ اپ جي مدد ۽ ڊجيٽل مهارتن جي ترقي لاءِ خاص فنڊ رکيا ويا آهن.
يو ايس ايف جي فنڊز ذريعي ڳوٺاڻن علائقن ۾ انٽرنيٽ ۽ ڪنيڪشن کي بهتر بڻائڻ تي به ڪم جاري آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ رابطا بهتر ڪرڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي.
مملڪتي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ ارلي وارننگ سسٽم لاءِ ڊجيٽل ڪنيڪشن کي فروغ ڏنو پيو وڃي ته جيئن بروقت معلومات فراهم ڪري سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي برانڊ اميج کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف قدم پڻ جاري آهن، جڏهن ته اي آءِ جي پاليسي تي تيزي سان عمل ڪيو پيو وڃي.
شازا فاطمه موجب هن سال 9 لک ماڻهن کي ڊجيٽل مهارتن جي تربيت ڏني وئي آهي، جڏهن ته يونيورسٽي جي شاگردن جي بيس لائين ٽيسٽنگ به مڪمل ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن تي تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي ۽ نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ڳنڍڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.


