ملير ضلعي ۾ ملڪيت جي تڪرار تي پٽ پنهنجي ويجهي ساٿي سان گڏجي سسر کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واقعي کي ڦرلٽ قرار ڏئي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق واقعي جي جاچ لاءِ ايس پي ملير، ڊي ايس پي سکن ۽ ايس ايڇ او ابراهيم حيدري جي سربراهي ۾ اسپيشل ٽيمون جوڙي ڇڏيون. پوليس ٽيمن ٽيڪنيڪل ۽ ڳجهي اطلاعن جي روشني ۾ ڪارروائي ڪندي انڌا قتل ڪيس حل ڪري ورتو. جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته مقتول جو پٽ اعجاز پنهنجي پيءُ کي رستي تان هٽائڻ چاهي پيو ۽ قتل جي ذميواري پنهنجي دوست شيراز کي ڏني هئي. اعجاز قتل لاءِ شيراز کي 15 هزار رپيا نقد ۽ هڪ آئي فون جي آڇ ڪئي هئي. جوابدار شيراز رقم ۽ فون جي لالچ ۾ پنهنجي دوست جي پيءُ محمد اقبال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار اعجاز ملڪيت جي لالچ ۾ پيءُ کي قتل ڪرڻ جي سنگين ڏوهن جي رٿابندي ڪئي. ڪجهه ڏينهن اڳ ابراهيم حيدري ٿاڻي جي حد ليبر ڪالوني ۾ جوابدارن محمد اقبال تي گهر اندر فائرنگ ڪئي هئي. فوتي محمد اقبال زخمن جا سور نه سهندي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. پوليس ٻن جوابدارن اعجاز پٽ محمد اقبال ۽ شيراز کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪي ويجها دوست آهن. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هڪ پستول، گوليون، هڪ موبائل فون ۽ واردات ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. واقعي جو ڪيس ابراهيم حيدري ٿاڻي تي انچارج نمبر 482/26 تحت پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 302/34 تحت داخل ڪيو ويو. ٻنهي جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ انويسٽيگيشن ونگ حوالي ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق انڌا قتل ڪيس کي ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل طريقي سان ٽريڪ ڪري جوابدارن جي گرفتاري تي پوليس ٽيم کي شاباش ڏني. هن ڪيس جي سمورن رخن تي وڌيڪ اثرائتي جاچ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. واقعي ۾ ملوث وڌيڪ ماڻهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
Source link

ڪراچي؛ ملڪيت جي تڪرار تان پٽ پنهنجي دوست سان گڏجي پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

