موٽر وي نيٽ ورڪ جي توسيع ۽ پاڪستان ۾ ٽرانسپورٽ جي بنيادي ڍانچي جي بهتري جو عمل SIFC جي سهڪار سان جاري آهي.
SIFC جي مؤثر ادارتي سهڪار سان، M-12 (سمبريال-خاريان) ۽ M-13 (کھاريان-راولپنڊي) موٽر وي منصوبن تي ڪم تيزي سان جاري آهي.
سفري فاصلن کي گهٽائڻ، مال بردار نظام کي وڌيڪ ڪارائتو بڻائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ علائقائي رابطي کي بهتر بڻائڻ جو مقصد، M12 ۽ M13 منصوبا مارڪيٽ تائين پهچ ۽ اقتصادي رابطا بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڪندا.
SIFC موجب، موٽر وي نيٽ ورڪ جي توسيع پاڪستان ۾ اقتصادي انضمام، صنعتي ترقي ۽ علائقائي رابطن جي وسيع تر ويزن جو حصو آهي.
SIFC پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو هڪ مضبوط ۽ مربوط معيشت جو بنياد رکي ٿو.


