ڪراچي:
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مادر وطن جي دفاع ۾ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن ۽ غازين پوري قوم جو فخر آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ سينيئر صوبائي وزير چيو ته شهيدن ۽ غازين جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ افسوسناڪ آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي خلاف جنگ، سرحدن جي حفاظت ۽ قومي سلامتي جي تحفظ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن.
هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج جي قربانين جو احترام ڪرڻ هر پاڪستاني جي قومي ۽ اخلاقي ذميواري آهي. شهيدن جي خاندانن جي قربانين کي نظرانداز ڪرڻ يا انهن تي غير ذميواراڻو تبصرو قابل قبول ناهي. جمهوريت ۾ اختلاف راءِ جو هر ڪنهن کي حق آهي، شهيدن جي توهين قومي وحدت جي مفاد ۾ ناهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته قومي سلامتي ۽ وطن جي دفاع سان لاڳاپيل ادارن جي احترام کي سياسي اختلافن کان ڌار رکيو وڃي. سياسي ۽ سماجي حلقن کي گهرجي ته اهڙي ٻولي کان پاسو ڪن جنهن سان قومي ادارن ۽ شهيدن جي خاندانن جا جذبا مجروح ٿين.


