پاڪستان ۾ 24 سالن کانپوءِ انٽرنيشنل هاڪي جي واپسي جي تصديق ٿي وئي آهي.
تفصيل موجب ڏکڻ ڪوريا هاڪي فيڊريشن ملڪ ۾ انٽرنيشنل هاڪي جون سرگرميون بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي پي ايڇ ايف اختيارين کي ٽيم موڪلڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
ڏکڻ ڪوريا پهرين ٽيم هوندي جيڪا 24 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ انٽرنيشنل هاڪي سرگرميون ٻيهر شروع ڪندي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ ميچ جولاءِ ۾ اسلام آباد ۾ کيڏي ويندي.
پي ايڇ ايف جي صدر محي الدين واني موجب سيريز جي حتمي شيڊول جو فيصلو ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.
واضح رهي ته 2024ع ۾ هالينڊ ۽ جرمن هاڪي ڪلبن جرمني جي جونيئر ٽيم سان گڏ پاڪستان جو دورو ڪيو هو پر هي ڪنهن به قومي سينيئر ٽيم جو پاڪستان جو پهريون دورو هوندو.


