ڪراچي:
عدالت نقيب الله قتل ڪيس ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ ملير ۽ ٻين کي شاهد طور پيش ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي.
دهشتگردي ٽوڙ جي خاص عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جڊيشل مئجسٽريٽ ملير ۽ ٻين کي شاهد طور پيش ڪرڻ جي استغاثه جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو.
عدالت پراسيڪيوشن جي درخواست منظور ڪندي جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير ۽ اي ايس آءِ منور کي طلب ڪري ورتو، جن قلم 164 تحت اکين ڏٺن شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا، جڏهن ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ان کان اڳ ڪيس جي پراسيڪيوٽر اهم شاهدن کي پيش نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن تي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ نوٽيس وٺندي ڪيس جي 2 پراسيڪيوٽرن کي منتقل ڪري ڇڏيو هو. بعد ۾ استغاثه طرفان شاهدن کي ٻيهر پيش ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.


