پاڪستاني زائرين جي واپسي لاءِ سعودي عرب مان اڏامون سڀاڻي 31 مئي کان شروع ٿينديون.
مذهبي معاملن واري وزارت موجب پهرين حج اڏام 31 مئي جي رات جده کان رواني ٿيندي ۽ سيالڪوٽ پهچندي. حج جي پهرين اڏام مان 391 حاجي وطن واپس ايندا، جيڪا پهرين جون تي پهچندي.
مذهبي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته پهرين جون تي 22 پروازن ذريعي 5237 زائرين وطن پهچندا. حج آپريشن جي پهرين ڏينهن 5 اڏامون حاجين کي اسلام آباد آڻينديون.
ڪراچي ۽ لاهور ۾ 4، 4 اڏامون، ملتان ۽ سيالڪوٽ ۾ 3، 3، فيصل آباد ۾ 2 ۽ ڪوئيٽا ۾ هڪ هڪ اڏام زائرين کي پهچندي.
مذهبي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته حج آپريشن جي آخري اڏام 30 جون تي لاهور پهچندي، مديني کان حج آپريشن جون اڏامون 3 جون کان شروع ٿينديون.
مذهبي معاملن واري وزارت موجب سرڪاري اسڪيم تحت 1 لک 19 هزار زائرين کي 471 اڏامن ذريعي وطن واپس آندو ويندو.


