عرب ميڊيا جي رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڀارت جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي آهي.
عرب ميڊيا رپورٽ موجب ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جون ڪوششون گهربل نتيجا حاصل نه ڪري سگهيون ۽ ناڪام ٿي ويون.
ان عرصي دوران پاڪستان ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي ملڪن سان پنهنجا سفارتي، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا برقرار رکيا ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏنو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته پاڪستان اڄ به مسلم دنيا، خليجي ملڪن ۽ مختلف عالمي فورمن تي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته عالمي سياست ۾ بدلجندڙ حالتن، علائقائي مفادن ۽ معاشي ڀائيواري ڪنهن به هڪ ملڪ لاءِ سفارتي طور ٻئي ملڪ کي مڪمل طور تي اڪيلو ڪرڻ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي.


