وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس سان ملاقات ڪئي

sindhvoice70@gmail.com
5 Min Read


وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سان آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ اسٽيو ويٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر پڻ موجود هئا.

ذريعن موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهيون برگن اسٽاڪ ۾ جاري آهن، جنهن ۾ مختلف عالمي ۽ علائقائي شخصيتون شرڪت ڪري رهيون آهن.

پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف ڳالهين جي سلسلي ۾ برگن اسٽاڪ ۾ موجود آهي، جڏهن ته پاڪستان جي نمائندگي لاءِ فيلڊ مارشل عاصم منير به شرڪت ڪري رهيو آهي.

آمريڪي وفد ۾ نائب صدر جي ڊي وينس، خاص سفير اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر شامل آهن. ايراني وفد جي اڳواڻي اسپيڪر باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي ڪري رهيا آهن.

رپورٽن مطابق پاڪستان ۽ قطر ڳالهين ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڌرين وچ ۾ اعتماد سازي ۽ ممڪنه جنگ بندي لاءِ سفارتي ڪوششون جاري آهن. مبصرن موجب جيڪڏهن اها پيش رفت ڪارگر ثابت ٿي ته ان کي خطي ۾ وڏي سفارتي ڪاميابي چئي سگهجي ٿو.

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تسلسل ۾ ٽيڪنيڪل سطح جون ڳالهيون اڄ (21 جون) سوئس شهر برگن اسٽاڪ ۾ ٿينديون.

اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ پهچي ويا آهن.

پاڪستاني وفد سوئٽزرلينڊ ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽيڪنيڪل سطح جي ڳالهين ۾ ميزبان ۽ ثالث طور شرڪت ڪري رهيو آهي.

ان کان اڳ پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد جي حوالي سان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽيڪنيڪل سطح جون ڳالهيون 21 جون تي پاڪستان جي ثالثي ۾ سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ ٿينديون.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ثالث جي حيثيت سان ان عمل ۾ سهولت فراهم ڪندو رهندو ته جيئن اسلام آباد ۾ ٿيل مفاهمتي ياداشتن تي طئي ٿيل مفاهمت کي اڳتي وڌائي سگهجي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي اڳڀرائي ٿي سگهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ايراني وفد جي اڳواڻي پارليامينٽ جو اسپيڪر باقر قاليباف ڪري رهيو آهي، ان سان گڏ پرڏيهي وزير عباس عراقچي، سينٽرل بئنڪ جو گورنر عبدالناصر حميطي ۽ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو ڊپٽي انٽرنيشنل افيئر سيڪريٽري علي باقري به گڏ آهي.

ايراني وفد ۾ نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي، پرڏيهي وزارت جو ترجمان اسماعيل بقائي، تيل وارو نائب وزير حامد بورد ۽ ملڪ جا ٻيا اعليٰ اقتصادي ۽ سيڪيورٽي اهلڪار شامل آهن.

آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي به ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ سوئٽزرلينڊ وڃڻ جو امڪان آهي، صدر ٽرمپ جو صلاحڪار ۽ ناٺي جيرڊ ڪشنر اڳ ئي سوئٽزرلينڊ ۾ موجود آهي، وچ اوڀر لاءِ آمريڪي صدر جو خاص نمائندو اسٽيو وٽڪوف به جنيوا روانو ٿي چڪو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment