ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي اسپنر عثمان طارق چيو آهي ته سندس بالنگ ظاهر نه ٿي هئي پر هاڻي بيٽسمين سمارٽ ٿي ويا آهن. ورلڊ ٽي 20 ڪپ ۾ به ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي بالنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص پلان جوڙي هئي. پي ايس ايل 11 ۾ لاهور قلندرز خلاف فتح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي عثمان طارق چيو ته سٺي بالنگ ڪئي وڃي ته وڪيٽون ضرور ملنديون آهن. اها ڳالهه درست ناهي ته بيٽسمينن پنهنجي بالنگ کي سمجهي ورتو آهي، اصل ۾ هاڻي بيٽسمين عقل استعمال ڪري رهيا آهن ان ڪري وڪيٽون وٺڻ مشڪل آهي. هن چيو ته هو پنهنجي بهترين بالنگ ڪندو آهي، صورتحال موجب بالنگ ڪندو آهي پر نتيجا سندس هٿ ۾ ناهن هوندا. اسپنر چيو ته لاهور کان وڌيڪ ڪراچي جي وڪيٽ تي ڏکيائيون آهن، هتي اسپنر ڪامياب آهن. ڪنهن به ميچ ۾ دير سان بالنگ جي سوال تي عثمان طارق چيو ته جڏهن ڪپتان کي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته هو بالنگ ڪري ٿو.
Source link

عثمان طارق جو ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم بابت وڏو بيان!
Leave a Comment Leave a Comment

