يورپي ڪميشن جي صدر واضح پيغام ڏنو آهي ته جنگ بندي معاهدي جي باوجود ايران ۾ انساني حقن ۽ وڏي تباهي جي هٿيارن بابت خدشا برقرار آهن.
عالمي خابرو اداري موجب يورپي ڪميشن جي صدر واضح ڪيو ته ايران تي لاڳو پابنديون بنيادي طور تي انساني حقن جي مبينا ڀڃڪڙين ۽ وڏي تباهي جي هٿيارن بابت خدشن سان لاڳاپيل آهن.
صحافين سان ڳالهائيندي يورپي ڪميشن جي صدر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايران جي رويي ۾ ڪا معتبر، حقيقي، واضح ۽ تصديقي تبديلي اچي ٿي ته پابنديون هٽائي سگهجن ٿيون پر ان لاءِ رڳو بيان بازي نه پر عملي قدمن جي ضرورت پوندي.
يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وون ڊير ليين وڌيڪ چيو ته پابندين بابت يورپي يونين جو اصول بلڪل واضح آهي ته زميني حقيقتن ۾ عملي تبديلي کان سواءِ پابنديون هٽائڻ تي غور نٿو ڪري سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته يورپي يونين انهن معاملن کي سنجيدگي سان وٺي ٿي ۽ ڪنهن به ممڪن نرمي جو دارومدار ايران جي عملي پيش رفت تي هوندو.
اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تازي معاهدي ۽ سفارتي اڳڀرائي کانپوءِ ايران تي لاڳو عالمي پابندين جي مستقبل تي هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ئي اشارو ڪري چڪو آهي ته ايران سان نئين فريم ورڪ تحت ايٽمي پروگرام ۽ علائقائي سلامتي جي معاملن تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي.
ياد رهي ته يورپي يونين جو اهو موقف ظاهر ڪري ٿو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ممڪنه معاهدي باوجود تهران کي يورپي پابندين مان فوري رليف ملڻ جو امڪان ناهي.
ياد رهي ته يورپي يونين گذريل ڪيترن ئي سالن کان ايران تي ڪيتريون ئي پابنديون لاڳو ڪيون آهن، جن ۾ ڪجهه ايراني شخصيتن، ادارن ۽ تنظيمن جا اثاثا منجمد ڪرڻ، سفري پابنديون ۽ حساس ٽيڪنالاجي جي منتقلي تي پابندي شامل آهن.


