چمن ۾ جعفر ايڪسپريس ويجهو زوردار ڌماڪو، 15 ڄڻا زخمي، 8 جي حالت ڳڻتي جوڳي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



چمن وٽ جعفر ايڪسپريس گذرڻ وقت ڦاٽڪ وٽ زوردار ڌماڪو ٿيڻ سبب ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جو سڄي شهر ۾ آواز ٻڌو ويو جڏهن ته ڀرپاسي جي عمارتن جا شيشا ٽٽي ويا. سول اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. اسپتال ذريعن موجب چمن ڦاٽڪ ڌماڪي ۾ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 8 ڄڻن جي حالت نازڪ آهي. ريلوي اختيارين موجب ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن جعفر ايڪسپريس ٽرين گذري رهي هئي. پوليس ۽ سڪيورٽي عملو واقعي واري هنڌ پهچي ويو، جڏهن ته ڌماڪي بعد باهه تي ضابطو آندو ويو، فائر برگيڊ عملو باهه وسائڻ ۾ مصروف آهي. بلوچستان جي گهرو معاملن بابت خاص مددگار بابر يوسفزئي چيو آهي ته هو واقعي بابت ڄاڻ حاصل ڪري رهيا آهن، وڌيڪ تفصيل اچڻ تي ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment