راولپنڊي ويجهو ٿليان انٽرچينج تي ايم 2 موٽر وي تي خوفناڪ ٽريفڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. ريسڪيو عملدارن موجب حادثو مهراڻ ڪار ۽ مزدا وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب پيش آيو. اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جون 3 گاڏيون، 2 ايمبولينس ۽ هڪ ريسڪيو گاڏي فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي وئي. ريسڪيو ذريعن موجب 2 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا. فوتين جي سڃاڻپ 27 ورهين جي فيضان ۽ 55 ورهين جي اشرف طور ٿي آهي. حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص جي سڃاڻپ عابد حسين جي نالي سان ٿي آهي، جنهن جي عمر 45 سال ٻڌائي پئي وڃي. کيس فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس علاج ڪيو پيو وڃي. ريسڪيو 1122 جي ترجمان موجب فوت ٿيل ٻنهي ڄڻن جي مٿي ۾ سخت زخم هئا، جيڪو سندن موت جو وڏو سبب بڻيو. اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
Source link

راولپنڊي: ايم 2 موٽر وي تي خوفناڪ حادثو، 2 ڄڻا فوت، 1 زخمي
Leave a Comment Leave a Comment

