پي ايس ايل 11: لاهور قلندرز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 ۾ لاهور قلندرز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. واضح رهي ته لاهور قلندرز گذريل ٻن ميچن ۾ مسلسل شڪستن کانپوءِ فتح جي ڳولا ۾ آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز به آخري ميچ ۾ شڪست کانپوءِ فتح حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهندي. پوائنٽس ٽيبل تي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ڇهين ۽ لاهور قلندرز ستين نمبر تي آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment