ڪراچي جي ييلو لائين بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) منصوبي لاءِ 256 اليڪٽرڪ بسون خريد ڪيون وينديون، جڏهن ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ روزانو 3 لک مسافرن کي سفري سهولتون ملنديون.
ويلٿ پاڪستان وٽ موجود پروجيڪٽ دستاويزن موجب، Yellow Line BRT هڪ جديد ٽئين نسل جي ٽرانزٽ سسٽم جي طور تي ٺاهيو ويو آهي جيڪو ڪراچي بريز نيٽ ورڪ سان ضم ڪيو ويو آهي. اهو منصوبو عالمي بئنڪ جي مالي مدد سان تيار ڪيو پيو وڃي ۽ ان جو مقصد پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم کي جديد بڻائڻ آهي.
منصوبي تحت دائود چورنگي کان نمائش تائين 21 ڪلوميٽرن جو هڪ وقف ڪيل بي آر ٽي ڪوريڊور قائم ڪيو ويندو جنهن کي ٽاور ڏانهن ويندڙ ڪمن ڪوريڊور سان به ڳنڍيو ويندو. هن رستي تي ڪل 28 اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون، جن مان 22 زميني سطح تي ۽ 6 انڊر گرائونڊ هوندا. منصوبي جي تخميني مطابق، هي سسٽم 260,000 کان 300,000 مسافرن کي روزاني سفري سهولتون فراهم ڪندو، جنهن سان مسافرن جو تعداد ساليانو 780,000,000 تائين وڌي ويندو. سفر جي وقت ۾ گهٽتائي ۽ خدمتن جي بهتر معيار جي ڪري هر سال اٽڪل 36,000,000 ڪلاڪ بچيا ويندا.
دستاويزن موجب ڪوريڊور تي هلندڙ بسن جي سراسري رفتار 21 کان 26 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هوندي، جڏهن ته شهر جي روڊن تي ٽريفڪ جي سراسري رفتار 10 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان به گهٽ هوندي. منصوبي لاءِ 256 اليڪٽرڪ بسن جو فليٽ تجويز ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 9 ميٽر ڊگھي 19 بسون، 12 ميٽر ڊگھي 133 بسون ۽ 18 ميٽر ڊگھي 104 آرٽيڪيوليٽ (جوائنٽ) بسون شامل هونديون. مسلسل آپريشن کي يقيني بڻائڻ لاءِ فليٽ ۾ اضافي 8 سيڪڙو رزرو گنجائش پڻ رکي وئي آهي. ٽرانسپورٽ جو نظام 6 سڌي رستن ۽ 3 فيڊر سروسز ذريعي هلايو ويندو جيڪي آس پاس جي رهائشي علائقن کان مسافرن لاءِ مکيه BRT ڪوريڊور تائين آسان پهچ فراهم ڪندا.
Yellow Line پروجيڪٽ هن وقت تعمير هيٺ آهي ۽ اختيارين جنوري 2028 ۾ BRT آپريشن شروع ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. منصوبي جي دستاويزن موجب، اليڪٽرڪ بسن جي فراهمي فيبروري 2028 کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. اهو منصوبو سنڌ جي پائيدار شهري ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سڀ کان وڏي سيڙپڪاري آهي ۽ اميد آهي ته ان سان ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽائڻ ۽ عوامي ٽرانسپورٽ جي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.


