نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايران يورينيم ملڪ کان ٻاهر نه موڪليندو پر ان جي افزودگي جي سطح کي گهٽائيندو، جيڪو ايٽمي ڳالهين ۾ اهم پيش رفت آهي. عرب ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ اسحاق ڊار چيو ته شروع ۾ آمريڪا مطالبو ڪيو هو ته ايران پنهنجو افزوده يورينيم ٻاهرين ملڪ منتقل ڪري پر هاڻي ايران ان بدران افزودگي جي سطح گهٽائڻ تي راضي ٿي ويو آهي. هن چيو ته ايٽمي پروگرام، منجمد اثاثن ۽ لبنان سان لاڳاپيل مسئلن تي ٽي ٽيڪنيڪل ورڪنگ گروپ هڪ تفصيلي فريم ورڪ تيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. اسحاق ڊار موجب آبنائي هرمز مان گذرندڙ جهازن تي 60 ڏينهن تائين ڪو به اضافي ٽيرف لاڳو نه ڪيو ويندو جڏهن ته جهازن کي صرف معياري نيويگيشن يا سروس فيس ادا ڪرڻي پوندي. هن اهو به چيو ته صدر ٽرمپ ذاتي طور تي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي نگراني ۽ رهنمائي ڪئي، جڏهن ته سعودي عرب، قطر، مصر ۽ متحده عرب امارات به ثالثي جي حمايت ڪري رهيا آهن، جيڪو خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ مثبت پيش رفت آهي. اسحاق ڊار چيو ته جيتوڻيڪ ڳالهين جو ايندڙ دور وڌيڪ پيچيده ٿي سگهي ٿو، حتمي معاهدو اڃا به ممڪن آهي جڏهن ته موجوده ڊيل ۾ ڪو به گهٽتائي ناهي ۽ خطي ۾ استحڪام لاءِ اهم موقعو ثابت ٿي سگهي ٿو.
Source link

ايران يورينيم ملڪ کان ٻاهر نه موڪليندو پر افزودگي جي سطح گهٽ ڪندو: اسحاق ڊار
Leave a Comment Leave a Comment

