تازي وائيٽ بال سيريز ۾ آسٽريلوي پيس اٽڪ جي نه هجڻ جو سبب سامهون اچي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان ۽ بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز مان آسٽريلوي پيس اٽڪ جي غير حاضري جو سبب سامهون اچي ويو.

تفصيل موجب آسٽريليا جي هيڊ ڪوچ اينڊريو ميڪڊونلڊ چيو آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز ۾ پيٽ ڪمنز، جوش هيزل ووڊ ۽ مچل اسٽارڪ جي غير موجودگي کي غلط انداز ۾ ورتو پيو وڃي.

هيڊ ڪوچ جو چوڻ آهي ته 2027 جي ورلڊ ڪپ کان اڳ مصروف شيڊول کي نظر ۾ رکندي ٽن فاسٽ بالرز کي احتياط سان سنڀاليو پيو وڃي.

آسٽريلوي اسڪواڊ مان ٽن اسٽار بالرز جي عدم شموليت مداحن لاءِ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ڇو ته اهي آءِ پي ايل ۾ کيڏي رهيا آهن.

جڏهن ته ميڪڊونلڊ واضح ڪيو ته اهو فيصلو رانديگرن جي مرضي سان نه پر طبي ۽ فٽنيس عملي جي مشاورت سان ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته 2027 تائين آسٽريليا کي چئن براعظمن ۾ 20 ٽيسٽ، 9 ون ڊي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻا آهن، تنهن ڪري سينيئر فاسٽ بالرز جي ڪم لوڊ کي متوازن ڪرڻ ضروري آهي.

ڪوچ موجب رانديگر کيڏڻ چاهين ٿا پر ٽيم مئنيجمينٽ سندن فٽنس ۽ ڊگهي ڪيريئر کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪري رهي آهي.

ميڪڊونلڊ وڌيڪ چيو ته موجوده وقفو ٽن بالرن جي جسماني بحالي ۽ ريڊ بال ڪرڪيٽ جي تياري لاءِ انتهائي اهم آهي ته جيئن اهي مستقبل جي وڏن ٽورنامنٽس لاءِ مڪمل طور تي فٽ ٿي سگهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment