آسٽريليا خلاف ميچ ۾ پاڪستان جي عرفات منهاس نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پاڪستان جو کاٻي هٿ جو اسپنر عرفات منہاس آسٽريليا خلاف ون ڊي ڊيبيو ميچ ۾ پنج وڪيٽون وٺندڙ پهريون پاڪستاني بڻجي ويو. پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ڊيبيو ميچ ۾ عرفات منهاس شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي آسٽريلوي بيٽسمينن کي شڪست ڏني. پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ عرفات منهاس جادوئي انداز ۾ 5 آسٽريلوي بيٽسمينن کي پويلين موڪليو ۽ سندس تباهه ڪندڙ بالنگ سبب آسٽريليا جي مضبوط بيٽنگ لائين 200 رنسن تي ڍير ٿي وئي. واضح رهي ته هي پاڪستاني ٽيم جي 1000هين ون ڊي ميچ آهي. پاڪستان 1000 ون ڊي ميچون کيڏندڙ ٽئين ٽيم بڻجي وئي آهي جڏهن ته پاڪستان گذريل ٻن ون ڊي سيريز ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏني هئي. پاڪستان طرفان عرفات منهاس ميٿيو شارٽ، جوش انگلز، مارنس ليبوچن ۽ ڪيمرون گرين جهڙن عظيم رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو. ياد رهي ته ذاڪر خان 1984ع ۾ نيوزيلينڊ خلاف ڊيبيو ڪندي 4 وڪيٽون ورتيون هيون جڏهن ته عبدالقادر 1983ع ۾ نيوزيلينڊ خلاف 4 وڪيٽون ورتيون هيون.



Source link

Share This Article
Leave a Comment