سون جي اگهن ۾ اڄ وڌيڪ اضافو، في تولو ڪيترو وڌي ويو؟

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اڄ وڌيڪ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ خميس تي سون جي قيمت ۾ 14 ڊالر في اونس جو اضافو ٿيو جنهن سان نئين عالمي قيمت 4 هزار 825 ڊالر في اونس ٿي وئي.

ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ 24 قيراط سون جي في تولو قيمت ۾ 20 رپيا واڌ ٿي وئي.

اهڙي ريت سون جو في 10 گرام به 1200 رپيا اضافي سان 4 لک 32 هزار 837 رپين جي سطح تي پهچي ويو آهي.

هوڏانهن ملڪ ۾ چاندي جو في تولو اگهه به 110 رپيا واڌ سان 8 هزار 514 رپيا ٿي ويو آهي ۽ في 10 گرام چاندي جو اگهه به 94 رپيا وڌي 7 هزار 299 رپيا ٿي ويو آهي.

واضح رهي ته سون جي اگهن ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment