آبنائے هرمز کوليو ويو، 55 واپاري جهاز محفوظ گذري ويا. آمريڪي فوج ايراني دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ سينٽرل ڪمانڊ (CENTCOM) ايراني پاسداران انقلاب جي آبنائي هرمز کي ٻيهر بند ڪرڻ جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته اڄ 50 کان وڌيڪ ڪمرشل جهاز بحفاظت گذري ويا آهن.

عالمي خابرو اداري موجب آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي فوجون علائقي ۾ موجود آهن ۽ عالمي سامونڊي رستن جي آزاد ۽ محفوظ حرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ الرٽ آهن.

بيان ۾ ايران جي آبنائي هرمز کي بند ڪرڻ جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو ويو آهي ته عالمي اهميت جي هن سامونڊي گذرگاهه ذريعي تجارتي جهازن جي آمد و رفت معمول موجب جاري آهي.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب آبنائي هرمز ۾ 20 جون تي تجارتي جهازن جي آمد و رفت ۾ اضافو ڏٺو ويو، مجموعي طور تي 55 واپاري جهاز محفوظ طريقي سان گذريا ۽ 17 ملين بيرل کان وڌيڪ خام تيل ۽ ٻيون شيون عالمي مارڪيٽن ڏانهن منتقل ڪيون ويون.

CENTCOM جوائنٽ ميري ٽائيم انفارميشن سينٽر جي هڪ تازي مشوري جو حوالو پڻ ڏنو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جهاز محفوظ طور تي مقرر ڪيل بين الاقوامي شپنگ لين ذريعي سفر ڪري رهيا آهن ۽ ان رستي تي ڪا به غير قانوني پابندي يا رڪاوٽ ناهي.

ياد رهي ته آمريڪي فوج جو اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ايران خاتم الانبياء سينٽرل هيڊ ڪوارٽر ۽ پاسداران انقلاب نيوي اعلان ڪيو آهي ته ڏکڻ لبنان ۾ آمريڪا ۽ اسرائيلي حملن جي ڀڃڪڙي جي جواب ۾ آبنائي هرمز کي هر قسم جي سامونڊي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

ٻنهي ملڪن جي متضاد دعوائن آبنائے هرمز جي موجوده صورتحال جي حوالي سان غير يقيني صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment