رياض:
سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.
سعودي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب هر قسم جي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي سختي سان رد ڪري ٿو ۽ اهڙن بزدلاڻن واقعن جي سخت مذمت ڪري ٿو.
بيان ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ مارجي ويلن جي خاندانن سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
سعودي پرڏيهي وزارت چيو ته سعودي عرب هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ آهي ۽ دهشتگردي خلاف گڏيل ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.


