مستونگ ۾ ڪسٽم گودام ۾ خوفناڪ باهه، 37 ڄڻا سڙي فوت، ڪوئيٽا ڪراچي هاءِ وي بند.

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


ڪوئيٽا:

بلوچستان جي علائقي لک پاس ۾ واقع پاڪستان ڪسٽم جي گودام ۾ خوفناڪ باهه لڳي وئي، جنهن دوران ايل پي جي بوائلر ۽ گيس سلينڊر ۾ لڳل ڌماڪي سبب 37 ڄڻا سڙي فوت ۽ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته اربين رپين جو سامان ۽ قيمتي گاڏيون سڙي رک ٿي ويون.

ريسڪيو ذريعن موجب گودام ۾ آچر جي رات 11 وڳي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن پوري گودام کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

ڌماڪي جا شعلا پري پري تائين نظر آيا، جڏهن ته ڌماڪي سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو.

واقعي کانپوءِ ڪوئيٽا-ڪراچي قومي شاهراهه کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو، جڏهن ته ڪوئيٽا جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي طلب ڪيو ويو.

زخمين کي فوري طور تي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ابتدائي طبي امداد بعد سخت زخمين کي سول اسپتال ڪوئيٽا ۽ بي ايم سي جي برن يونٽ منتقل ڪيو ويو.

پي ڊي ايم اي بلوچستان موجب ريسڪيو آپريشن لاءِ 30 ريسڪيورز، 13 ايمبولينس، 4 فائر ٽرڪون ۽ 7 واٽر بائوزر موقعي تي مقرر ڪيا ويا آهن.

جڏهن ته گودام ۾ وڏي مقدار ۾ ايل پي جي سلينڊر، ٻارڻ ۽ ڪيميڪل موجود هجڻ سبب صورتحال انتهائي خطرناڪ قرار ڏني پئي وڃي.

وڏي ڌماڪي ۾ رليف ڪمشنر ڊي جي پي ڊي ايم اي، ڊپٽي ڪمشنر مستونگ، ونگ ڪمانڊر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سرياب پڻ معمولي زخمي ٿي پيا.

ٻئي طرف چيف فائر آفيسر عبدالحق موجب باهه ٽئين درجي جي آهي ۽ 13 ڪلاڪ گذرڻ باوجود مڪمل طور تي ضابطو نه اچي سگهيو.

هن خبردار ڪيو ته گودام ۾ موجود ايل پي جي باوزر ۽ اسپرٽ ٽينڪر ڪنهن به وقت ڌماڪو ٿي سگهن ٿا ۽ انهن جي ڌماڪي جو 80 سيڪڙو امڪان آهي.

اختيارين باهه واري هنڌ جي چوڌاري 500 گز تائين علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پوليس ۽ ايف سي اهلڪارن ڪنهن کي به ويجهو وڃڻ جي اجازت نه ڏني آهي.

چيف فائر آفيسر موجب خوش قسمتي سان واقعي واري هنڌ ويجهو ڪا به آبادي نه آهي، ٻي صورت ۾ جاني نقصان گهڻو ٿي سگهي ٿو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment