لنڊي ڪوتل ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ سي ٽي ڊي اهلڪار شهيد ٿي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



خيبرپختونخواهه جي علائقي لنڊي ڪوتل خوگا خيل ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سي ٽي ڊي اهلڪار شهيد ٿي ويو. پوليس موجب شهيد ٿيل سي ٽي ڊي اهلڪار عاصم خان پشاور ۾ تعینات هو ۽ موڪل تي گهر آيو هو. اهلڪار گهر آڏو شهيد ٿي ويو، حملي آور فرار ٿي ويا. واقعي کانپوءِ پوليس ۽ فورسز جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون، جڏهن ته اهلڪار جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment