ڪراچي جي علائقي پاڪ ڪالوني مان گرفتار جوابدار پوليس جي حراست ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويو.
تفصيل موجب پاڪ ڪالوني ٿاڻي جي حد ۾ گرفتار جوابدار پراسرار نموني فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال آندو ويو، جتي سندس سڃاڻپ 40 ورهين جي شاهزيب طور ٿي.
پوليس موجب فوري طور تي جوابدار جي موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
ٻئي طرف ڊي آءِ جي سائوٿ زون اسد رضا پاڪ ڪالوني پوليس جي حراست ۾ جوابدار جي موت جو نوٽيس وٺندي واقعي جي شفاف ۽ غير جانبداري سان جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
هن ان حوالي سان ايس ايس پي ضلعي ڪماري کان تفصيلي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي.
هوڏانهن پاڪ ڪالوني پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل شخص مبينا طور تي منشيات جو نشانو هو، جنهن کي خميس جي صبح گرفتار ڪيو ويو ۽ لاڪ اپ ۾ رکيو ويو، حراست دوران سندس حالت خراب ٿيڻ تي کيس فوري طور اسپتال نيو ويو ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته موت جو ڪارڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي معلوم ٿيندو.


