ايراني وفد باقر غالب جي سربراهي ۾ سوئٽزرلينڊ پهچي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڳالهين جي سلسلي ۾ باقر غالب جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي ايراني وفد سوئٽزرلينڊ پهچي ويو آهي، جتي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهم سفارتي لاڳاپن جي نئين دور جو امڪان آهي.

ايراني ميڊيا موجب وفد جو ڪوڊنيم ”مناب 168“ آهي، جنهن ۾ اهم حڪومتي ۽ معاشي شخصيتون به شامل آهن.

وفد ۾ پرڏيهي وزير عباس عراقچي، ايران جي قومي سلامتي ڪائونسل جو سينيئر ميمبر علي باقري، سينٽرل بئنڪ جو گورنر عبدالناصر حمتي، ڪاظم غريب آبادي ۽ اسماعيل بقائي شامل آهن.

سوئٽزرلينڊ پهچڻ کان پوءِ ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ اهم مذاڪرات ڪندڙ محمد باقر غالباف سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ جذباتي انداز اختيار ڪندي چيو ته منهب جي معصوم ٻارن ۽ ايران جي شهيدن جي ياد هميشه ساڻس گڏ آهي ۽ هو هر فيصلو ذميواري جي احساس سان ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته انهن ڳالهين دوران هو ان اميد سان اڳتي وڌي رهيا آهن ته ڪو به اهڙو قدم نه کنيو ويندو جنهن تي کيس عوام يا شهيدن کي جواب ڏيڻو پوندو. قالباف موجب سندن دعا آهي ته هو هن مشن کي عزت ۽ وقار سان پورو ڪن ۽ انتظار ۾ ويٺل پنهنجن پيارن سان ملن.

ڳالهين واري عمل کي خطي ۾ اهم سفارتي پيش رفت طور ڏٺو پيو وڃي پر ان جا نتيجا ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال جو رخ طئي ڪندا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment